16,945 views 257 on YTPak
65 11

Published on 29 Nov 2011 | over 5 years ago

شهداءِ ڪربلا

مسلمان ڀائرو! محرم جا ھي ڏھاڙا ڪربلا جي شھيدن سوره سرويچ بھادرن پاڪ پيغمبر جي ٻچڙن جي ياد ڏيارن ٿا ۽ امت کي سبق سيکارن ٿا ته ڪربلا جي تتل ڌرتي مٿان مسافر بنجي آيل نبي جي پيارن ٻچڙن حق ۽ سچ جو عظيم مثال ڇڏيو. دوستو ! ھي قدرتي قانون آھي . دنيا ۾ نيڪي به آھي بدي به آھي. خير به آھي شر به آھي حق به آھي باطل به آھي انھن ٻنھين جو ازل کان جھيڙو رھيو آھي . جتي حق ھوندو اتي باطل به مخالفت لاءِ اٿندو. جتي باطل ھوندو ته حق به ضرور ان جي مقابل ٿي ايندو. حق ۽ باطل جو اھو معرڪو جاري آھي ۽ قيامت تائين جاري رھندو. باطل جي مدد ۾ ابليس ۽ ان جو لشڪر آھي ، حق جي مدد ۾ خود الله ۽ ان جا فرشتا آھن. اھو الله جو اٽل فيصلو آھي ته فتح ھميشھ حق وارن جي ٿيندي آھي. حق وارا باطل جي مقابلي ۾ مري پون ته شھيد بنجن فتحياب ٿي موٽن ته غازي رب راضي. ھيڏھون به انعامن جا انبار ھوڏھون به اجر انعام ۽ مال غنيمتون. حق جي ٻيڙي لڏي پر ڪڏھن نه ٻڏي .

Loading related videos...